گرمي جي اثرن کان بچڻ لاءِ ڪهڙيون شيون ضروري آهن؟

2 Min Read
ISLAMABAD, TURKIYE - APRIL 27: A man throws water on his face to cool off as the temperature exceeds 46 degrees in Islamabad, Pakistan on April 27, 2022. Temperatures, which are above the seasonal degrees, adversely affected daily life in Pakistan. (Photo by Muhammed Semih Ugurlu/Anadolu Agency via Getty Images)

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي ۽ ان موسم ۾ جسم کي پاڻي جي کوٽ کان بچائڻ ضروري آهي.
اونهاري ۾ جسم کي گرمي جي اثرن کان بچائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻڻ تمام ضروري آهي.

مناسب هائڊريشن ۽ اليڪٽرولائٽس ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور غذائون جسم جي گرمي پد کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ هيٽ اسٽروڪ کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون.هيٺ ڏنل غذائن جو استعمال گرم موسم ۾ توهان جو بچاءُ ممڪن بڻائي سگهي ٿو.

هنداڻو 90 سيڪڙو پاڻي تي ٻڌل ميوو آهي، ڊي هائڊريشن کان بچڻ لاءِ اهو بهترين آهي، ان ۾ پوٽاشيم ۽ ميگنيشيم جهڙيون ضروري اليڪٽرولائٽس به هونديون آهن، جيڪي جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.

کيري ۾ پاڻي جو مقدار وڌيڪ هجڻ سبب اهو به ڊي هائڊريشن کان بچائي ٿو، ان ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن، جيڪي جسم کي ٿڌو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.

ناريل جو پاڻي قدرتي طور تي اليڪٽرولائٽس سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو پوٽاشيم، سوڊيم ۽ ميگنيشيم جي کوٽ پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ان ۾ ڪيلوريز به گهٽ هونديون آهن ۽ قدرتي مٺاڻ به شامل هوندي آهي، جيڪا پاڻي جي کوٽ ناهي ٿيڻ ڏيندي ۽ توانائي فراهم ڪندي آهي.

ليمو وٽامن سي سان ڀرپور هوندو آهي، جيڪو جسم کي ڊي هائڊريشن کان بچائڻ ۽ مدافعتي نظام بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.

ڏهي جو تاثير ٿڌو هوندو آهي، اها ڊي هائڊريشن کان بچائڻ لاءِ موزون ترين آهي، جنهن سان پروٽين، پرو بائيوٽڪس ۽ ضروري غذائي جزا (مثال طور ڪيلشيم ۽ پوٽاشيم) ملندا آهن.

ڦوندو به قدرتي طور تي ٿڌو هوندو آهي، جيڪو جسم جو گرمي پد گهٽ ڪرڻ ۽ تازگي جو احساس فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

Share This Article
Leave a Comment