هنڱورجا ويجهو خوفناڪ حادثو، پيءُ پٽ سميت 4 ماڻهو فوت

2 Min Read

رپورٽ (عادل عباسي ) هنڱورجا جي رسول آباد ڀرسان قومي شاهراهه تي پيش آيل خوفناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت ۽ هڪ نوجوان نياڻي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.

حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ ڳوٺ عاقل شر جي رهواسين طور ٿي آهي، جن ۾ 6 ورهين جو علي نواز ولد قادر شر، 28 ورهين جو قادر ولد سڪندر عرف جلال شر، 45 ورهين جي مسمات سورٺ زال سچل شر  ۽ 8 ورهين جو غلام رهبر ولد حاجي شر شامل آهن، جڏهن ته  18 ورهين جي روزينا شر زخمي آهي.

 رپورٽن موجب ٽرالر چڙهڻ سبب متاثر ماڻهو موقعي تي ئي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته روزينا شر کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي کانپوءِ فوتين جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي واسين قومي شاهراهه تي جاري تعميراتي ڪم بابت سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي.

مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي مرمتي ۽ تعميراتي ڪم ڪندڙ ڪمپني پاران روٽ ڊسيپلين ۽ حفاظتي انتظامن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب روڊ حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

سندن الزام آهي ته  روڊ کي هڪ پاسي کان پٽيو ويو آهي، جنهن سبب سموري ٽريفڪ هڪ پاسي تي هلي پئي، بدنصيب ڪٽنب ڳوٺ واپس ويندي پنهنجي گهر کان ڪجهه منٽن جي فاصلي تي حادثي جو شڪار ٿيو.

علائقي واسين موجب روڊ تي سست رفتاري سان هلندڙ ڪم سبب اڳ به ڪيترائي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، پر لاڳاپيل ادارن طرفان ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو.

شهرين جو مطالبو آهي ته قومي شاهراهه تي حفاظتي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي، حادثي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن المناڪ واقعن کان بچي سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment