روهڙي ڀرسان سنڌو درياهه ۾ هڪ ئي خاندان جا 3 ٻارڙا ٻڏي ويا، 2 لاش هٿ

1 Min Read

سکر/روهڙي: (ويب ڊيسڪ) روهڙي ويجهو وار مبارڪ درگاهه وٽ سنڌو درياهه ۾ هڪ ئي خاندان سان واسطو رکندڙ 3 ٻارڙا ٻڏي ويا.
حادثي ۾ 10 سالا آفتاب علي سولنگي ۽ 5 سالا علي حيدر جا لاش مقامي ماڻهن ۽ ٽوٻن جي مدد سان درياهه مان ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 8 سالا آيت سولنگي اڃا تائين لاپتا آهي.
ريسڪيو ٽيمون نينگري جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪري رهيون آهن.
رپورٽن موجب علائقي ۾ درياهه ۽ واهن ۾ وهنجڻ تي قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود حادثو پيش آيو.

Share This Article
Leave a Comment