ٽرمپ کي ايران سان معاهدي جي اميد، اڃا حتمي فيصلو ناهي ٿيو: ايران

2 Min Read

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دھمڪي بعد حملو روڪڻ ۽ معاهدو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته ايران سان معاهدي تي هن هفتي صحيحون ٿيڻ جي اميد آهي. معاهدي جا دستاويز آخري مرحلي ۾ آهن، صحيحن جي تقريب يورپ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ جي ڊي وينس شرڪت ڪندو.
هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته امن معاهدي ۾ پاڪستان بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عظيم شخصيتون آهن، معاهدي تي سڀ خوش آهن.
هن جو چوڻ آهي ته هرمز جي لنگهه جي سامونڊي ناڪابندي ڊيل کي آخري شڪل ڏيڻ تائين پوري قوت سان جاري رهندي، ايران سان ڳالهين کي ايراني قيادت جي اعليٰ ترين سطح تائين آندو ويو.
هن چيو ته ڳالهيون ۽ آخري نڪتا تمام ڌرين پاران منظور ڪيا ويا آهن، انهن ڌرين ۾ آمريڪا، اسرائيل، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، پاڪستان، قطر، ترڪي ۽ ٻيا شامل آهن.
قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ايران سان مشاورت ۾ اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ٻئي پاسي آمريڪي صدر ٽرمپ پاران معاهدي جي آخري نڪتن جي منظوري واري دعويٰ تي ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ڪنهن به معاهدي کي آخري شڪل ناهي ڏني وئي.
اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪي اپاءَ سفارتي عمل کي متاثر ڪري رهيا آهن.
قطر ۽ پاڪستان ٽياڪڙي جي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف ايراني پاسدارانِ انقلاب فورس چيو آهي ته ايراني اختيارين ٽرمپ جي دعوائن جو اڃا تائين ڪو جواب ناهي ڏنو.
هنن جو چوڻ هو ته جنگ جي شروعات کان وٺي ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا تضادن سان ڀريل ۽ غلط بيان ڏنا آهن.

Share This Article
Leave a Comment