سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ طوفان ۽ برسات جو الرٽ جاري

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاران 11 کان 13 جون تائين ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ سخت آنڌاري ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڄ سنڌ جي ڏاکڻين ۽ ساحلي پٽيءَ ۾ طوفاني هوان جي شدت وڌيڪ تيز ٿيڻ جو امڪان آهي.
ٻئي طرف، اسلام آباد مان جاري ڪيل الرٽ موجب اولهه هوائن جي سسٽم هيٺ اڄ کان 13 جون تائين ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment