اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ غربت جي شرح گذريل ڏهاڪي جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
تازن انگن اکرن موجب 2018-19ع ۾ غربت جي شرح 21.9 سيڪڙو هئي، جيڪا وڌي 2024-25ع دوران 28.9 سيڪڙو ٿي وئي آهي، يعني لڳ ڀڳ هر ٽن مان هڪ پاڪستاني غربت جي لڪير ويجهو يا هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي.
ٻئي طرف ڪجهه آزاد تحقيقي ادارن جو چوڻ آهي ته مهانگائي ۽ معاشي دٻاءَ سبب حقيقي غربت جي شرح 43.5 سيڪڙو کان به مٿي ٿي سگهي ٿي. ماهرن موجب بيروزگاري، مهانگائي، ٻوڏن ۽ معاشي بحران عوام جي زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي.

ملڪ ۾ غربت جي شرح ۾ رڪارڊ واڌارو
Leave a Comment Leave a Comment

