نوشهروفيروز ۾ جونيئر سائنس ٽيچرز جو احتجاج، آفر آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو

1 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) جونيئر سائنس ٽيچر استادن پاران پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ملڪ صفدر اعواڻ، موج علي جتوئي، مهتاب علي خاصخيلي، آفاق احمد لاشاري ۽ ٻين ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سال 2026ع ۾ جونيئر سائنس ٽيچرز لاءِ ورتل آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 8725 اميدوار ڪامياب ٿيا هئا، پر کين اڃا تائين آفر آرڊر جاري نه ڪيا ويا آهن.
هنن چيو ته هو مسلسل پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، پر حڪومت سندن جائز مطالبن تي ڌيان نٿي ڏئي.
سندن چوڻ هو ته مقرري ۾ دير سبب ڪيترائي اميدوار عمر جي حد واري مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته مهانگائي جي هن دور ۾ سندن خاندان سخت معاشي پريشانين جو شڪار آهن.
احتجاج ڪندڙن وزير تعليم، وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جونيئر سائنس ٽيچرز جا مطالبا فوري طور تسليم ڪري آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.
هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته هو وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.

Share This Article
Leave a Comment