نوشهروفيروز (رپورٽر) بلوچستان مان اغوا ٿيل سعيد ميمڻ جي 31 ڏينهن گذرڻ باوجود بازيابي نه ٿيڻ خلاف نوشهروفيروز ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڪيلن سان گڏ سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پڻ شرڪت ڪئي.
مظاهري کي خطاب ڪندي وڪيل عبدالستار لهراڻي چيو ته سعيد ميمڻ کي اغوا ٿئي 31 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر هو اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي، جيڪا ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.
ان موقعي تي وڪيل شوڪت ٻوهيو چيو ته سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ سنڌ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن، پر حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا اڃا تائين ڪا اثرائتي ڪارروائي ناهن ڪري سگهيا.
وڪيل عبدالرحيم عباسي مطالبو ڪيو ته سعيد ميمڻ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.
احتجاج ڪندڙن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته سعيد ميمڻ جي محفوظ بازيابي کي يقيني بڻائي وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

نوشهروفيروز ۾ سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ وڪيلن جو احتجاج
Leave a Comment Leave a Comment

