اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان وفاقي بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کي سنڌ جي گورنر شپ جي واپسي ۽ آئين جي آرٽيڪل 140-اي ۾ ترميم سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ فاروق ستار چيو ته آرٽيڪل 140-اي عوامي مفاد سان لاڳاپيل اهم آئيني ترميم آهي، جنهن بابت کين حڪومت کان واضح جواب گهرجي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کان سنڌ جي گورنر شپ واپس وٺڻ جو سبب به ٻڌايو وڃي.
فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي گورنر شپ واپس ڏني وڃي. هن چيو ته جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي عهدي تان هٽايو ويو ته هن سوال ڪيو هو ته “مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟”، ساڳي طرح ايم ڪيو ايم به پڇڻ جو حق رکي ٿي ته سندن گورنر کي ڇو هٽايو ويو.
هن دعويٰ ڪئي ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ اڳوڻي گورنر آءِ ٽي شعبي ۾ نمايان ڪم ڪيو، 50 هزار نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. سندس چوڻ هو ته اهي نوجوان اڄ لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار ڊالر ماهوار ڪمائي رهيا آهن، تنهن هوندي به سندن گورنر کي هٽايو ويو.
فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي بجيٽ جي حق ۾ ووٽ ان صورت ۾ ڏيندي جڏهن گورنر شپ بابت کين مطمئن ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن گورنر شپ واپس نه ڏني وئي ته پوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي کي حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو.
ايم ڪيو ايم اندر ڌڙابندي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ فاروق ستار چيو ته هو سوال ڪندڙ کي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏين ٿا، جڏهن ته هن پارٽي جي اندروني اختلافن بابت سڌو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو.
ٻئي طرف سنڌ جي گورنر نهال هاشمي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان پنهنجي ملاقات کي روايتي قرار ڏنو ۽ ايم ڪيو ايم جي مطالبن بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
ياد رهي ته ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، حڪومتي اتحادي جماعتن جي ميمبرن ۽ سنڌ جي گورنر وچ ۾ اسپيڪر چيمبر ۾ اهم ملاقات ٿي هئي. ذريعن موجب ملاقات دوران وفاقي بجيٽ، اتحادي جماعتن جي مطالبن ۽ انهن جي تحفظات تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.


