اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت جلد سٺي خبر اچڻ جو امڪان آهي.
جيو نيوز سان ڳالهائيندي علي پرويز ملڪ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار سبب عوام کي وڏي تڪليف برداشت ڪرڻي پئي، جڏهن ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب ماڻهن جو گهريلو بجيٽ پڻ متاثر ٿيو.
هن چيو ته حڪومت جو عوام سان واعدو آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي به هدايت آهي ته جيتري حد تائين ممڪن ٿي سگهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آندي وڃي ته جيئن عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عالمي منڊي ۾ ايران جو ڪچو تيل ٻيهر دستياب ٿيڻ جون اميدون وڌي رهيون آهن، جنهن سبب عالمي مارڪيٽن ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. هن چيو ته خام تيل جون قيمتون گذريل ٽن مهينن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويون آهن، جنهن جا مثبت اثر پاڪستان تي به پئجي سگهن ٿا.
علي پرويز ملڪ وڌيڪ چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي قيادت جي سفارتي ۽ سياسي ڪوششن کي ساراهيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ڪوششن کي دنيا ۾ مثبت نظر سان ڏٺو پيو وڃي.


