وفاقي ڪابينا ۾ وڏي ڦيرڦار جو امڪان، اهم وزارتن ۾ تبديليون غور هيٺ

2 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت گهرو، ناڻي ۽ بچاءَ واري وزارت سميت ڪيترين ئي اهم وزارتن ۾ تبديليون غور هيٺ آهن، جڏهن ته ڪابينا جو حجم گهٽائڻ لاءِ ڪجهه وزارتن کي ضم ڪرڻ ۽ ڪجهه مملڪتي وزيرن کي فارغ ڪرڻ جون تجويزون پڻ سامهون آيون آهن.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ۾ امڪاني تبديلين بابت مختلف تجويزن تي غور جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت وچ ۾ مشاورت هلي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هو نائب وزيراعظم جو عهدو به برقرار رکندو.
ذريعن موجب پرڏيهي وزارت لاءِ محسن نقوي کي مضبوط اميدوار قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته گهرو وزارت لاءِ راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، پر اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا جو انگ گهٽائڻ لاءِ ڪجهه وزارتن ۽ ڊويزنن کي ختم يا ضم ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي، جڏهن ته وزارتن ۽ ڊويزنن جو انگ 32 تائين محدود ڪرڻ تي به ويچار جاري آهي.
ذريعن موجب بحري معاملن واري وزارت کي بچاءَ واري وزارت ۾ ضم ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن انتظامي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي.
ان کان سواءِ ڪجهه مملڪتي وزيرن کي غير اهم وزارتن مان فارغ ڪرڻ ۽ ڪابينا جو مجموعي حجم گهٽائڻ لاءِ به مختلف آپشنز تي غور جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment