سوئٽزرلينڊ ڳالهيون ڪامياب: ايران جا 12 ارب ڊالر جا اثاثا بحال، عمان ۾ هرمز لنگهه تي اهم ڳالهيون

3 Min Read

عمان (ويب ڊيسڪ) سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ٿيل سفارتي ڳالهيون ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ايران جا منجمد ٿيل 12 ارب آمريڪي ڊالرن جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ واري معاهدي تي حتمي صحيحون ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف، ايراني وفد وڌيڪ سفارتي عمل لاءِ عمان پهچي ويو آهي جتي هرمز لنگهه جي سيڪيورٽي بابت اهم ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن.

تفصيل موجب، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه محمد باقر قاليباف سوئٽزرلينڊ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي باقاعده تصديق ڪري ڇڏي آهي. اثاثن جي بحالي سان گڏوگڏ آمريڪا پاران ايراني تيل جي وڪري تي لڳل پابندي به عارضي طور تي هٽائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ايران ايندڙ 2 مهينن تائين آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ پنهنجون پيٽروليم پيداوارون وڪرو ڪري سگهندو. ايراني اختيارين پاران پابنديون ختم ٿيڻ ۽ مالي اثاثا بحال ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف، سوئٽزرلينڊ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ايراني ڳالهين واري ٽيم جو سربراهه محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي عمان پهچي ويا آهن. ايراني اسپيڪر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمان ۾ ٿيل ڳالهين دوران آبنائي هرمز ۾ بحري جهازن جي اچ وڃ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هڪ گڏيل ۽ فعال رابطا نظام قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هن واضح ڪيو ته هن اهم اقدام جو بنيادي مقصد علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي امڪاني ٽڪراءُ، بدامني يا فوجي ڇڪتاڻ کان بچڻ آهي.

سفارتي ذريعن موجب، سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل ڳالهين جي بنياد تي لبنان جي علائقائي سالميت، سلامتي ۽ خودمختاري جي ضمانت ڏيڻ تي به ڌرين وچ ۾ مڪمل اتفاق ٿيو آهي.

هڪ ٻئي اهم بيان ۾، آمريڪي خزانگي وزير اسڪاٽ بيسينٽ ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته جيتوڻيڪ ايران تان تيل جي وڪري جون پابنديون عارضي طور نرم ڪيون ويون آهن، پر ان جي باوجود اتر ڪوريا، ڪيوبا ۽ يوڪرين پاران ايراني تيل خريد ڪرڻ تي لڳل پابندي اڃا تائين سختي سان برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا به رعايت نه ڏني ويندي.

Share This Article
Leave a Comment