ميرپورخاص (امجد خاصخيلي) ميرپورخاص جي ٿرڊ جڊيشنل مئجسٽريٽ عدالت چيڪ بائونس ۽ فراڊ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار سلمان احمد کي 24 مهينا سخت پورهئي سان قيد ۽ 45 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت فريادي ريحان احمد ملڪ پاران داخل ڪيل ڪيس نمبر 87/2024 ۽ ايف آءِ آر نمبر 56/2024 تحت قلم 489-ايف جي ڪيس جي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌايو.
عدالتي حڪم موجب ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي وڌيڪ 3 مهينا قيد ڀوڳڻو پوندو.
فيصلي کانپوءِ پوليس جوابدار کي تحويل ۾ وٺي ضلعي جيل ميرپورخاص منتقل ڪري ڇڏيو.
فريادي موقف اختيار ڪيو هو ته هن ڪاروباري معاملي ۾ جوابدار کي 51 لک رپيا ادا ڪيا هئا، جنهن بعد چيڪ بائونس ٿيڻ ۽ فراڊ بابت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ميرپورخاص: چيڪ بائونس ۽ فراڊ ڪيس ۾ جوابدار کي 2 سال قيد جي سزا
Leave a Comment Leave a Comment

