سن ۾ ملاح برادري جي معصوم نينگري مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

1 Min Read

ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) سن شھر جي رھواسي ملاح برادري پاران معصوم نينگري جي مبينا اغوا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سن شھر مان ملاح برادري جي 9 ورهين جي نينگري ارشاد ڌيءَ اسماعيل ملاح مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي.

نينگري جي پيءُ اسماعيل ملاح جو چوڻ آهي ته سندن ڌيءَ کي گهٽيءَ ۾ راند کيڏڻ دوران عمر عرف بابو خاصخيلي شيءِ وٺي ڏيڻ بهاني اغوا ڪري ويو آهي.

هنن چيو ته گھڻي ڳولا ڪرڻ باوجود نينگري نه ملي سگهي آهي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي.

ھنن ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته سندن نينگري واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment