ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني نتيجن خلاف داخل ڪيل مختلف درخواستن جي ٻڌڻي دوران اهم حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.
عدالت درخواست گذارن جي امتحاني ڪاپين ۽ لاڳاپيل رڪارڊ کي سيل ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ ٿيل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو به عدالت پاران جاري ڪيو ويو آهي.
عدالت حيدرآباد جي سيشن جج کي هدايت ڪئي آهي ته هو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان اميدوارن جا لکيل امتحاني پرچا حاصل ڪري سمورو رڪارڊ سيل ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالتي نمائندي ذريعي پيش ڪري.
عدالت واضح ڪيو آهي ته هي سمورو رڪارڊ بعد ۾ عدالت پاران مقرر ڪيل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ئي کوليو ويندو.
عدالتي حڪم نامي موجب موجوده تڪرار گڏيل مقابلي واري امتحان (CCE) 2024 جي نتيجن سان لاڳاپيل آهي.
درخواست گذارن جو موقف آهي ته کين انتهائي ڪمزور بنيادن تي امتحانن ۾ ناڪام قرار ڏنو ويو آهي، تنهنڪري انصاف لاءِ ضروري آهي ته سندن جوابي پرچا عدالتي اسڪروٽني لاءِ پيش ڪيا وڃن.
ٻئي طرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته سڀ اميدوار ميرٽ تي ناڪام قرار ڏنا ويا آهن ۽ نتيجن ۾ ڪنهن به قسم جي بدنيتي موجود ناهي.
ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ وڌيڪ ٻن اميدوارن کي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست به منظور ڪئي.
عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، لاڳاپيل اختيارين ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي MIT-II کي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.


