پوليس اهلڪار قتل ڪيس: ميرپورخاص جي عدالت دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا

2 Min Read

ميرپورخاص (رپورٽ: امجد خاصخيلي) ميرپورخاص ۾ پوليس اهلڪار خالد مري قتل ڪيس ۾ گرفتار نامزد جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ڪيس جي رڪارڊ ۽ موجود ثبوتن جو جائزو وٺڻ بعد جوابدارن خلاف لاڳو ڪيل دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب پوليس اهلڪار خالد مري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار علي محمد عرف عالي بروهي، محمد حسن مري ۽ تابش مري کي سخت سيڪيورٽي هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران عدالت ڪيس سان لاڳاپيل دستاويزن، جاچ رپورٽن ۽ ابتدائي شاهديءَ جو جائزو ورتو.

عدالت طرفان جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو ته موجود رڪارڊ جي روشني ۾ ڪيس ۾ شامل دهشتگردي جي قلم برقرار رکڻ لاءِ گهربل قانوني بنياد ظاهر نٿا ٿين، تنهن ڪري اهي قلم ختم ڪيون وڃن.

ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاچ آفيسر ۽ ايس ايچ او مهران، انسپيڪٽر رحيم گوپانگ ٻڌايو ته عدالت فريڪن وچ ۾ موجود زميني تڪرار کي نظر ۾ رکندي دهشتگردي  جا قلم ختم  ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته واقعي جي پس منظر ۾ ذاتي ۽ زميني جهيڙي جا عنصر سامهون آيا آهن، جنهن بنياد تي عدالت اهو فيصلو ڏنو.

قانوني ماهرن موجب دهشتگردي جا قلم ختم ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته قتل جو ڪيس ختم ٿي ويو آهي يا جوابدار بيگناهه قرار ڏنا ويا آهن، پر هاڻي ڪيس عام فوجداري قانونن تحت اڳتي هلي سگهي ٿو. قتل ۽ ٻين لاڳاپيل الزامن بابت عدالتي ڪارروائي جاري رهندي.

Share This Article
Leave a Comment