ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جي مرڪزي جلوس لاءِ سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
پوليس صدر، ريگل چوڪ ۽ ڀرپاسي جي رستن ۽ گهٽين کي بند ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس طرفان جلوس جي رستن تي ايندڙ دڪانن کي پڻ سيل ڪيو ويو آهي.
8 محرم جي جلوس جي برآمد ٿيڻ کان اڳ جلوس جي گذرگاهه کي مڪمل طور بند ڪيو ويو.


