اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح جا ڳالهيون ٻولهين جو نئون دور ايندڙ هفتي ٻيهر شروع ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان جو وفد پڻ شرڪت ڪندو.
هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڌرين وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رهڻ پاڻ ۾ هڪ مثبت اڳڀرائي آهي ۽ پاڪستان هميشه مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو.
ترجمان موجب ايراني صدر مسعود پزشڪيان وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪيو، جنهن دوران ساڻس گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ موجود هو. وفد وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون.
پرڏيهي آفيس موجب ايراني صدر جي دوري دوران واپاري لاڳاپن بابت به ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ايران تي اقتصادي پابنديون ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو ويو. گيس پائيپ لائين منصوبي بابت ترجمان چيو ته کيس ان معاملي جي تفصيلن جي ڄاڻ ناهي، البته مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ترجمان ٻڌايو ته سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ قطر ٽياڪڙ طور شرڪت ڪئي. ڳالهين دوران ڪيترن ئي معاملن تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان ۽ قطر جون ٽيڪنيڪل ٽيمون وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان رابطي ۾ آهن.
هن چيو ته پاڪستان ثالثي واري ڪردار تي مختلف ملڪن پاران مليل ساراهه ۽ حمايت جو آجيان ڪري ٿو. عالمي برادري جو پاڪستان تي اعتماد وڌيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا پڻ ذميواراڻو ۽ پيشه ورانه ڪردار ادا ڪندي اعتماد سازي ۾ اهم حصو ورتو آهي.
ترجمان موجب 18 جون تي پاڪستان ٻين ملڪن سان گڏجي اسرائيلي حملن جي مذمت ۾ گڏيل بيان جاري ڪيو، جڏهن ته هن هفتي پاڪستان 30 ايراني شهرين جي برطانوي ۽ آمريڪي حراست مان وطن واپسي ۾ پڻ مدد فراهم ڪئي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ڊنمارڪ جي سهڪار سان پيش ڪيل ٺهراءَ 2223 منظور ڪئي وئي، جنهن کي 153 ملڪن جي حمايت حاصل رهي. قرارداد موجب گڏيل قومن جي امن مشنن تي ڪنهن به قسم جو حملو ناقابل قبول قرار ڏنو ويو آهي.
سامونڊي ڌاڙيلن پاران پاڪستاني جهاز ۽ عملي کي يرغمال بڻائڻ واري معاملي بابت ترجمان چيو ته اهو پاڪستان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٽيڪنيڪل ٽيم جبوتي جو دورو ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت ان معاملي تي بين الوزارتي اجلاس پڻ ڪوٺايو آهي.
پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان مقامي غير سرڪاري تنظيمن، جن ۾ انصار برني سان لاڳاپيل ادارا به شامل آهن، سان رابطي ۾ آهي ته جيئن يرغمال پاڪستانين جي آزادي لاءِ ڪوششون جاري رکيون وڃن.