اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته خطي ۾ امن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جي ڪوششن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته چئن ئي صوبن جي سهڪار سان وفاقي گرانٽس فراهم ڪيون وينديون، جڏهن ته دفاع سميت ٻين اهم معاملن لاءِ اهي وسيلا استعمال ڪيا ويندا. هن صوبن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته وفاقي گرانٽس جي فراهمي ۾ سندن تعاون قابلِ تحسين آهي.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان اهو پهريون ملڪ هو جنهن ايران تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پڻ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان رابطن ۾ رهيا.
نائب وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته پاڪستان جي سفارتي ڪوششن سبب عارضي جنگبندي ممڪن ٿي، جڏهن ته 47 سالن کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سڌيون ڳالهيون پڻ ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالثي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪوشش هئي ته معاملا اسلام آباد ۾ ئي حل ٿي وڃن.
اسحاق ڊار وڌيڪ ٻڌايو ته 28 فيبروري کانپوءِ 52 ملڪن جي هم منصبن سان رابطا ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته اڄ پاڪستان کي عالمي سطح تي امن قائم ڪندڙ ملڪ طور ڏٺو پيو وڃي.
هن چيو ته جنگبندي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون تيزي سان گهٽجي رهيون آهن. ان سان گڏ هن ياد ڏياريو ته جڏهن آبنائي هرمز بند ڪئي وئي هئي ته حڪومت ٽرانسپورٽ شعبي کي سبسڊي پڻ فراهم ڪئي هئي.
نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سفارتي ڳالهين جي حمايت جاري رکندو.