ايران سان معاهدو آمريڪا جي شڪست جو اعلان آهي: باقر قاليباف

1 Min Read

تھران(ويب ڊيسڪ)ايراني ڳالھيون ڪندڙ وفد جي چيف محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايران-آمريڪا معاهدو آمريڪا جي شڪست جو اعلان آهي.

آذربائيجان ۾ او آءِ سي پارلياماني يونين اجلاس کي خطاب ڪندي محمد باقر قاليباف چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت دٻاءُ ۽ جبر جو نتيجو ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ايراني قوم جي مزاحمت، استقامت ۽ طاقت جو اظهار آهي، ۽ هي يادداشت آمريڪا جي شڪست جو اعلان بڻجي وئي آهي.

باقر قاليباف چيو ته خطي جا ملڪ علائقائي سلامتي پاڻ يقيني بڻائين ۽ ٻاهرين مداخلت کي رد ڪن.هن اهو به چيو ته هو خطي جي ملڪن سان خودمختياري جي احترام جي بنياد تي تعاون لاءِ تيار آهن.

Share This Article
Leave a Comment