پاڪستان ۽ چين پاران ايران آمريڪا ڳالهين ۾ سهڪار جاري رکڻ جو عزم

3 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن جي چارٽر موجب تڪرارن جي پرامن حل کي اڻٽر قرار ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ پائيدار امن جي فروغ لاءِ ويجهي سهڪار جاري رکندا.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران هن چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي 105هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ پيش ڪئي.

ترجمان مطابق ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري امن عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، خاص طور تي سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي هيٺ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڳالهين جي پهرين دور تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

اسحاق ڊار چيني وزير کي آگاهه ڪيو ته ڳالهين جي عمل جي نگراني لاءِ اسلام آباد ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ٽياڪڙي عمل کي اڳتي وڌائيندي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايٽمي معاملي، پابندين ۽ تڪرارن جي حل بابت ٽي ورڪنگ گروپس به قائم ڪيا ويا آهن، جن جو مقصد 60 ڏينهن اندر ڌرين وچ ۾ حتمي معاهدي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي.

نائب وزيراعظم امن عمل لاءِ چين جي مسلسل ۽ مضبوط حمايت کي ساراهيندي صدر شي جن پنگ جي چار نڪاتي امن منصوبي ۽ پاڪ-چين پنج نڪاتي امن قدمن جي اهميت تي زور ڏنو.

چيني پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان کي ثالثي عمل جي ڪامياب انعقاد ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي دستخط تي مبارڪباد ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن، سرگرم ڪردار ۽ مسلسل رابطن کي ساراهيو.

هن چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر موجب تڪرارن جو پرامن حل ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ چين ڌرين وچ ۾ ڳالهين تي ٻڌل حل لاءِ ويجهي تعاون جاري رکندا، ته جيئن خطي ۾ ڇڪتاڻ جو مستقل خاتمو، جٽادار امن، گڏيل ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي هٿي ملي.

Share This Article
Leave a Comment