گمبٽ (رپورٽر) راڻيپور ٿاڻي ويجهو رضا ڪالوني مان پنج ڏينهن اڳ پراسرار طور گم ٿيل 20 ڏينهن جو معصوم ٻار علي وارث شاهاڻي اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي.
پوليس شڪ جي بنياد تي ٻار جي ڪجهه گهر ڀاتين کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪري رهي آهي.
پنج ڏينهن گذرڻ باوجود نه ٻار بابت ڪو پتو ناهي پيو ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب معاملي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.
ڊي ايس پي گمبٽ چيو آهي ته واقعي بابت جاچ آخري مرحلي ۾ آهي ۽ اميد آهي ته هڪ يا ٻن ڏينهن اندر معاملو واضح ٿي ويندو.

راڻيپور مان پراسرار طور گم ٿيل معصوم ٻار جو پتو نه پيو
Leave a Comment Leave a Comment

