گمبٽ: (رپورٽر) ڇهه ڏينهن اڳ قومي شاهراهه تي ويگو ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ پيش آيل حادثي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، حادثي ۾ هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي فوت ۽ هڪ نينگر زخمي ٿيو هو.
گمبٽ ٿاڻي تي ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب خيرپور طرف کان ايندڙ ويگو تيز رفتاري ۽ لاپرواهي سان هلائي پئي وئي، جنهن موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو.
حادثي جي نتيجي ۾ سڪندر جوڳي، روزينا، فدا حسين، نينگر قدير ۽ نينگري دعا فوت ٿي ويا، جڏهن ته نينگر وسيم زخمي ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن طرفان ڪيس داخل نه ڪرايو ويو ۽ خون معاف ڪيو ويو، جنهن بعد سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ويگو جو ڊرائيور اڪبر ملڪ اعواڻ، پنجاب جي ضلعي راجنپور جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو فرار آهي.
حادثي جو سبب بڻجندڙ گاڏي پوليس جي تحويل ۾ آهي.
پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

گمبٽ: حادثي ۾ 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل
Leave a Comment Leave a Comment

