نوشهروفيروز (رپورٽر) محرابپور ڀرسان محراب شاخ ۾ وهنجندي 15 ورهين جو نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو.
فوتي جي سڃاڻپ يامين سامٽيو طور ٿي آهي، جيڪو محرابپور جي وارڊ نمبر هڪ جو رهواسي هو.
وارثن ۽ مقامي ٽوٻن جي مدد سان نوجوان جي لاش جي ڳولا ڪئي وئي، جنهن بعد لاش پاڻي مان ڪڍيو ويو.
لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.

نوشهرو فيروز: محراب شاخ ۾ وهنجندي 15 ورهين جو نوجوان ٻڏي فوت
Leave a Comment Leave a Comment

