اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ۽ پي هوٽا جي گڏيل ٽيم سيڪٽر ايف-7 ۾ ڇاپو هڻي انساني عضون جي خريد ۽ وڪري جي الزام هيٺ غير ملڪي شهرين سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي موجب ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ انساني پلاسينٽا هٿ ڪيو ويو، جنهن ۾ تازو، سڪل ۽ پروسيس ٿيل پلاسينٽا شامل آهي.
جاچ اداري موجب گرفتار جوابدار اسپتالن مان انساني پلاسينٽا حاصل ڪرڻ ۾ ملوث هئا. پلاسينٽا پشاور، راولپنڊي ۽ لاهور جي مختلف اسپتالن مان گڏ ڪيو ويندو هو.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار انساني پلاسينٽا کي رڍن جي عضون طور ظاهر ڪري پرڏيهه موڪلڻ ۾ ملوث هئا.
شروعاتي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار پروسيس ٿيل پلاسينٽا ويٽنام برآمد ڪندا هئا، جتي ان کي دوائن جي تياري لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.
ايف آءِ اي موجب جوابدارن مقامي سهولتڪارن جي مدد سان هڪ منظم نيٽ ورڪ قائم ڪري رکيو هو.
جاچ اداري ٻڌايو ته هٿ آيل نمونا طبي جاچ لاءِ پمز اسپتال اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


