وينزويلا ۾ زلزلي جي تباهي تي وزيراعظم شهباز شريف جو افسوس

1 Min Read

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف وينزويلا ۾ آيل زلزلن سبب ٿيل تباهي ۽ قيمتي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام، خاص طور متاثر خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

هن چيو ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ وينزويلا جي عوام سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪري ٿو.

Share This Article
Leave a Comment