لنڊن/ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ ) يورپ جي مختلف ملڪن هن وقت شديد ۽ غيرمعمولي گرمي جي لهر جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن سبب روزاني زندگي جا معمول سخت متاثر ٿي رهيا آهن.
اسپين ۾ هيٽ ويو سبب گذريل چئن ڏينهن دوران فوتين جو انگ 200 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو.
فرانس ۾ پڻ سخت گرمي سبب 50 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. رپورٽن موجب ملڪ ۾ گذريل 80 سالن دوران پهريون ڀيرو گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
اٽلي ۾ به گرمي جي شدت برقرار آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران گرمي سبب 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. ٻئي پاسي لنڊن ۽ ڏکڻ اوڀر انگلينڊ لاءِ جاري ڪيل سخت گرمي جي ريڊ وارننگ ۾ سڀاڻي تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب لنڊن ۾ گرمي پد 30 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
سخت گرمي سبب اسپتالن تي مريضن جو بار وڌڻ لڳو آهي. رائل ڪاليج آف فزيشنز جو چوڻ آهي ته وڌندڙ گرمي نه رڳو ماڻهن جي صحت لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي، پر اسپتالن ۾ استعمال ٿيندڙ مشينري ۽ طبي اوزارن کي به متاثر ڪري رهي آهي.


