گمبٽ: هنڱورجا ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ): هنڱورجا ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال نون ۽ سندس ٽيم گشت دوران نيشنل هاءِ وي ڀرسان لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي بعد ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندن ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس موجب، اطلاع مليو هو ته ڪجهه هٿياربند ڏوهه ڪرڻ جي ارادي سان علائقي ۾ داخل ٿيا آهن. پوليس موقعي تي پهتي ته مبينا مقابلو ٿيو، جنهن دوران عرفان پٽ الله ڏتو ملڪ ۽ مدثر پٽ رمضان ڀٽي زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿين جي ڳولا جاري آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏيکاريل جوابدارن کي شهرين سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو.

Share This Article
Leave a Comment