ملير ۾ روڊ جي ڪناري تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ

1 Min Read

ملير (رپورٽ: شاهد حسين) ملير جي بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ پورٽ قاسم پي ايس او پمپ ويجهو روڊ جي ڪناري تان هڪ اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو آهي.

پوليس موجب، اطلاع ملڻ تي بن قاسم پوليس موقعي تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي.

پوليس موجب، ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش ايمبولينس ذريعي ايڌي هوم سهراب ڳوٺ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment