ڪنڌڪوٽ (شاهد بلوچ) دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ قياس ڀيو ۾ ڀيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ سبب هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو.
اطلاع موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد شريف پٽ محمد حسن ڀيو گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.
پوليس موجب اطلاع ملڻ تي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي سببن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. وڌيڪ جاچ بعد واقعي جا مڪمل تفصيل سامهون ايندا.


