تلهار ويجهو 3 ورهين جو نينگر پراسرار نموني گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو

1 Min Read

تلهار (رپورٽ: صابر حسين): تلهار ڀرسان راڄو خاناڻي ٿاڻي جي حد ۾ 3 ورهين جو معصوم نينگر غلام مصطفيٰ خاصخيلي پراسرار نموني گم ٿي ويو، جڏهن ته وارثن سندس اغوا ٿيڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي.

ڳوٺ الهڏنو سهتو واسي اعجاز علي خاصخيلي جو 3 ورهين جو پٽ غلام مصطفيٰ ڪالهه شام اوچتو گم ٿي ويو. وارثن ويجهن ڳوٺن ۽ مائٽن وٽ گهڻي ڳولا ڪئي، پر نينگر جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو.

بعد ۾ وارثن راڄو خاناڻي ٿاڻي تي نينگر جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي، جنهن ۾ اغوا جو شڪ پڻ ظاهر ڪيو ويو.

رابطي ڪرڻ تي راڄو خاناڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عاشق علي لنڊ ٻڌايو ته نينگر جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي ۽ پوليس مختلف هنڌن تي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته جلد نينگر کي ڳوليو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment