اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي گڏيل سهڪار کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ مون سون جي تيارين ۽ موسمياتي خطرن کان بچاءَ واري نظام بابت جائزو اجلاس ٿيو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، تنهن ڪري انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ويجهو تعاون انتهائي ضروري آهي.
وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو هن هفتي سڀني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا دورا ڪري مون سون جي حوالي سان اڳواٽ تيارين جو جائزو وٺن.
هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته رٿابندي واري وفاقي وزير جي نگراني هيٺ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ لاڳاپيل وزارتن تي ٻڌل ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جيڪا صوبائي ادارن سان گڏجي عملي سهڪار کي يقيني بڻائيندي.
وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير کي پڻ هدايت ڪئي ته ممڪن مون سون سبب پيدا ٿيندڙ آفتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي فنڊ جي اڳواٽ تياري ڪئي وڃي، جڏهن ته ممڪن ٻوڏن ۽ ٻين خطرن کان بچاءَ لاءِ جامع روڊ ميپ تحت اثرائتا قدم ترتيب ڏنا وڃن.


