افغانستان ۾ ڪارروائي، پاڪستان ڀارتي بيان کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن خلاف ڪيل پنهنجي جائز، ٽارگيٽڊ ۽ متناسب ڪارروائين بابت ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي بيان کي بي بنياد قرار ڏيندي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي، ڀارت جي پرڏيهي وزارت طرفان 29 جون تي جاري ڪيل بيان بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي بنيادي ڍانچي خلاف ڪيل پنهنجي جائز، هدف تي ٻڌل ۽ متناسب ڪارروائين بابت ڀارت جي بي بنياد بيان کي مڪمل طور رد ڪري ٿو.

ترجمان چيو ته اهو بيان هڪ اهڙي ملڪ طرفان جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو تاريخي طور پنهنجي پاڙيسري ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندو رهيو آهي، گڏيل قومن جي منشور جي ڀڃڪڙي ڪندي انهن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي نقصان پهچائيندو رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت اڄ به گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن جي ابتڙ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقِ خوداراديت کي دٻائي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارت افغانستان جي سرزمين تان پاڪستان خلاف سرگرم دهشتگرد ٽولن جي سهائتا ۽ سرپرستي ۾ پڻ ملوث آهي، جيڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل پابندين جي نظام جي ڀڃڪڙي آهي، ۽ ڀارت مسلسل خطي ۾ امن کي نقصان پهچائڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

ترجمان زور ڏيندي چيو ته پاڪستان خلاف ڀارت جا بي بنياد الزام ۽ اشتعال انگيز بيان سنجيدگي سان وٺڻ جهڙا ناهن.

هن چيو ته پاڪستان بين الاقوامي قانون موجب پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر مناسب قدم کڻندو رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اهڙا قدم کڻندو رهندو.

Share This Article
Leave a Comment