وڏي وزير مراد علي شاهه جي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد

4 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نظرثاني ٿيل بجيٽ ڪاٿن موجب جون جي آخر تائين سنڌ کي وفاقي حڪومت کان 175 ارب رپيا ملڻا هئا، پر رڳو 91 ارب رپيا جاري ڪيا ويا، جنهن سبب صوبي کي لڳ ڀڳ 85 ارب رپين جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو.

اين اي ڊي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ سنڌ جي پهرين گوگل جيمِنائي فار ايجوڪيشن ڪارنر جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاق طرفان فنڊن جي مڪمل منتقلي نه ٿيڻ سبب صوبي جي مالي وسيلن ۽ ترقياتي منصوبن تي اضافي دٻاءُ پيو آهي.

بلدياتي سڌارن بابت سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه سنڌ ۾ بلدياتي ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته جن صوبن ۾ بلدياتي نظام ئي موجود ناهي، اتان ٿيندڙ تنقيد بي بنياد آهي.

سيڪيورٽي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت انٽيليجنس بنيادن تي سيڪيورٽي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي واڌاري لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته جيڪڏهن شهري ترقي لاءِ ڪو وفاقي رابطي وارو ادارو قائم ڪيو وڃي ته سنڌ کي ان تي ڪو اعتراض ناهي، پر آئين تحت صوبن کي منتقل ڪيل کاتن جا انتظامي اختيار صوبن وٽ ئي رهڻ گهرجن.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت ڪنهن مخصوص دهشتگردي جي خطري بابت اطلاع موجود ناهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت نوان ادارا قائم ڪري ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي پنهنجي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي نظام کي نمايان طور بهتر ڪيو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته دهشتگردي، خاص طور خودڪش حملن جي روڪٿام لاءِ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائيون انتهائي اهم آهن، ڇو ته بروقت ڄاڻ ۽ تجزئي کانسواءِ اهڙن حملن کي روڪڻ ڏکيو هوندو آهي.

هن چيو ته جيتوڻيڪ هن وقت ڪو خاص سيڪيورٽي خطرو موجود ناهي، تنهن هوندي به سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ مڪمل طور الرٽ ۽ چوڪس آهي.

وڏي وزير ڪراچي سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڪجهه علائقن ۾ 12 کان 18 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهڻ سبب شهري سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته ان صورتحال جو فوري نوٽيس وٺي ان جو حل ڪڍيو وڃي.

هن ان ڳالهه تي به افسوس ظاهر ڪيو ته ڪجهه پابندين سبب صوبن کي ونڊ ۽ سولر توانائي جا منصوبا آزادي سان تيار ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سنڌ وٽ قابلِ تجديد توانائي جا وسيع وسيلا موجود آهن، تنهن ڪري صوبي کي صاف ۽ پائيدار توانائي جي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مڪمل سهڪار فراهم ڪيو وڃي.

آئين جي ارڙهين ترميم جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته ان ترميم تحت صوبن کي منتقل ڪيل اختيار آئيني ترميم کانسواءِ واپس نٿا وٺي سگهجن. هن چيو ته ارڙهين ترميم وفاق کي مضبوط ڪرڻ ۽ صوبن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قومي اتفاقِ راءِ جو هڪ تاريخي مثال آهي.

Share This Article
Leave a Comment