ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ضياءُ الدين احمد خان روڊ تي ڊيوٽي دوران ٽريفڪ پوليس جي هڪ اهلڪار مبينا طور پاڻ تي فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
پوليس موجب هيڊ ڪانسٽيبل نواز نديم ڊيوٽي دوران پنهنجي مٿي ۾ گولي هڻي ڇڏي، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو. واقعي کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي اهلڪار پي آءِ بي ڪالوني جي نفيس آباد علائقي جو رهواسي هو ۽ سندس ڊيوٽي پي آءِ ڊي سي ٽريفڪ چوڪي تي مقرر هئي.
هوڏانهن ٽريفڪ پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعو اتفاقي طور گولي هلڻ سبب پيش آيو، جڏهن ته ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر پهلو کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ واقعي واري هنڌ جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ حاصل ڪئي پئي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.


