گل پلازه سانحو: پوليس ٽيون ڀيرو چالان جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالتي رپورٽ شامل نه ڪئي

4 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي گل پلازه سانحي واري ڪيس ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پوليس پراسيڪيوشن جا اعتراض ختم ڪرڻ کانسواءِ ٽئين ڀيري به چالان جمع ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته چالان سان جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ پڻ شامل نه ڪئي وئي.

ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر عبدالرزاق گجر چالان عدالت ۾ پيش ڪيو. چالان موجب مارڪيٽ يونين جي صدر تنوير پاستا، نائب صدر عمار اسماعيل، جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان، سيڪريٽري محمد امين، دڪاندار نعمت الله ۽ سندس 11 ورهين جي پٽ حذيفه کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. گهٽ عمر هجڻ سبب حذيفه خلاف جووينائل قانونن تحت مقدمو هلائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

چالان ۾ قتل بالسبب، غفلت سبب جاني ۽ مالي نقصان، باهه لڳڻ ۽ ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جون دفعات شامل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پوليس، فائر برگيڊ، ريسڪيو 1122، متاثرن ۽ ٻين سميت 60 شاهدن جا نالا پڻ شامل آهن. ڪيس ۾ چئن اکين ڏٺن شاهدن جا بيان به قلمبند ڪيا ويا آهن.

چالان موجب گل پلازا ۾ باهه دڪان نمبر 192 مان لڳي، جتي دڪاندار نعمت الله اڪثر پنهنجو 11 ورهين جو پٽ حذيفه ويهاري هليو ويندو هو. جاچ موجب واقعي واري ڏينهن به حذيفه ماچيس سان کيڏي رهيو هو، جنهن دوران مصنوعي گلن کي باهه لڳي وئي ۽ باهه سڄي عمارت ۾ پکڙجي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ يونين جي عهديدارن ايمرجنسي هيلپ لائن تي بروقت اطلاع نه ڏنو. ڪال ڊيٽا رڪارڊ مان به ثابت ٿيو ته هنگامي نمبر تي وقت سر فون نه ڪئي وئي. چالان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته يونين انتظاميا ننڍڙي ٻار کي دڪان تي ويهارڻ کان نه روڪيو، جيڪا به غفلت هئي.

چالان مطابق فائر برگيڊ کي رات 10 لڳي 26 منٽن تي عبدالصمد نالي شخص اطلاع ڏنو، جڏهن ته پوليس 15 کي رات 10 لڳي 30 منٽن تي اطلاع ملي. دير سان اطلاع ملڻ سبب 72 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿيا، جڏهن ته 1153 دڪان سامان سميت سڙي رک ٿي ويا.

جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته امدادي ڪاررواين دوران ريسڪيو ٽيمن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته عمارت جي رستن تي لڳل گرل گيٽن کي تالا لڳل هئا، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو ٻاهر نڪري نه سگهيا. ريسڪيو 1122 ۽ ايڌي جي اهلڪارن به بند رستن جي تصديق ڪئي آهي.

چالان موجب تنوير پاستا ڪي اليڪٽرڪ کي فون ڪري بجلي بند ڪرائي، پر مناسب روشني ۽ ماڻهن جي رهنمائي جو ڪو بندوبست نه هئڻ سبب جاني نقصان وڌي ويو.

جاچ ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گل پلازه ۾ ان کان اڳ به ٻه ڀيرا باهه لڳي چڪي هئي، جڏهن ته سول ڊفينس اختيارين موجب عمارت جي انتظاميا وٽ فائر سيفٽي جي تربيت، فائر هائيڊرنٽ ۽ حفاظتي انتظام موجود نه هئا، ۽ اڳ ۾ ڏنل هدايتن باوجود فائر سيفٽي سيشن پڻ منعقد نه ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment