ڊاڪٽر آڪاش جي قتل پٺيان ڪهڙو مقصد هو؟ ڊي آءِ جي سائوٿ جي اهم پريس ڪانفرنس

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا چيو آهي ته 13 جولاءِ تي فريئر واري علائقي ۾ ڦر دوران ڊاڪٽر آڪاش جي قتل واري ڪيس کي ڪراچي پوليس چئلينج طور ورتو، آءِ جي سنڌ جي هدايت تي جاچ ٽيمون جوڙيون ويون ۽ 36 ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

هن پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته واردات ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن جوابدارن ڪئي، جڏهن ته مقصد روڪ رقم ڦرڻ هو.

ڊاڪٽر آڪاش پنهنجي والد سان گڏ بئنڪ مان رقم ڪڍي ٻاهر نڪتو ته بئنڪ اندر موجود ريڪي ڪندڙ ساٿين کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ هڪ گولي ڊاڪٽر آڪاش کي لڳي، جيڪا سندن موت جو سبب بڻي.

ڊي آءِ جي موجب پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ جديد فني جاچ ذريعي جوابدارن تائين پهتي، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پوليس رڪارڊ موجب گرفتار ٽن جوابدارن خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن ۽ سي ٽي ڊي ۾ هٿيار ايڪٽ، ڦر، چوري، منشيات، دهشتگردي ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.

ياد رهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ سريش، رام چند ۽ انيل شامل آهن.

Share This Article
Leave a Comment