ڪراچي: (رپورٽر) ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل ٽن جوابدارن سريش، رام چند ۽ انيل خلاف سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي داخل ڪيسن جا تفصيل پڌرا ڪيا ويا آهن.
جوابدارن تي قتل جي ڪوشش، دهشتگردي، غيرقانوني هٿيار رکڻ، ڌاڙن، چورين ۽ منشيات فروشيءَ جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن.
جوابدار سريش پٽ امرچند جيڪب آباد جو رهواسي آهي جنهن خلاف 5 ڪيس داخل آهن.
ڪراچي جي علائقي قائدآباد جي رهواسي جوابدار رام چند پٽ سهڻو خلاف مختلف ٿاڻن تي 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.
ڪيسن ۾ ڪلفٽن، گزري (اي وي ايل سي)، ڊيفنس، شاهه لطيف ٽائون، اسٽيل ٽائون ۽ لانڍي ٿاڻن تي گاڏيون چوري ڪرڻ، پوليس تي حملو ۽ دهشتگردي، منشيات ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جا ڪيس شامل آهن.
جوابدار انيل پٽ مير چند ميرپورخاص جو رهواسي آهي جنهن خلاف ڪراچي جي شاهه لطيف ٿاڻي تي ڌاڙي ۽ چوريءَ جو ڪيس داخل آهي.
پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي ۽ انهن جي گرفتاريءَ لاءِ به جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس: گرفتار جوابدارن سريش، رام چند ۽ انيل جو ڏوهي رڪارڊ سامهون اچي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

