پينشن ڪا رعايت يا خيرات ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ٽي ايم سي ملازمن کي رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم

2 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٽي ايم سي جي رٽائرڊ سينٽري ورڪرز جي پينشن ۽ رهتن بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ڪي ايم سي کي حڪم ڏنو آهي ته رٽائرڊ ملازمن جون سموريون رهتون 6 هفتن ۾ ادا ڪيون وڃن.

عدالت ۾ ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته رٽائرمينٽ کان پوءِ به جارج مسيح ۽ ٻين ملازمن کي گريجوئيٽي، موڪلن جي ڪيشمينٽ ۽ ٻيا قانوني بقايا ادا ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب هو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۽ رهتن بابت دعوائن جي جاچ جاري آهي. وڪيل موجب نذير مسيح جا 23 لک رپين کان وڌيڪ، جارج مسيح جا 14 لک رپين کان وڌيڪ ۽ ثريا بي بي جا 19 لک رپين کان وڌيڪ رهن ٿا جن جي ادائيگي بابت اڳڀرائي ڪئي وئي آهي.

ڪي ايم سي جي وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته عدالت جي اڳوڻن حڪمن تي عمل ڪندي ڪي ايم سي ٽائون جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جي ادائيگي جي ذميواري سنڀالي ورتي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت کان ڪي ايم سي ۽ ٽي ايم سي جي رٽائرڊ ملازمن جي رهتن جي ادائيگي لاءِ 9.86 ارب رپين جا فنڊ پڻ حاصل ڪيا ويا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پينشن ڪا رعايت يا خيرات نه، پر ملازم جو قانوني حق آهي. عدالت چيو ته پينشن ۽ ٻين رهتن جي ادائيگي ۾ دير سرڪاري ادارن جي ناڪامي جي برابر آهي.

عدالت ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي ته درخواست گذارن سميت لاڳاپيل رٽائرڊ ملازمن جا بقايا مقرر وقت اندر ادا ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment