اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) خلاف جاچ ڪرائڻ، ڪامياب اميدوارن جا انٽرويو روڪڻ ۽ ناڪام اميدوارن جا امتحاني پيپر ٻيهر چيڪ ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عبوري حڪمن تي عملدرآمد معطل ڪري ڇڏيو آهي.
وفاقي آئيني عدالت ايس پي ايس سي جي اپيل تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي گرمين جي موڪلن کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران جسٽس باقر نجفي رمارڪس ڏنا ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي عبوري حڪم ۾ ئي حتمي رليف ڏئي ڇڏيو آهي.
ايس پي ايس سي جي وڪيل حافظ احسان کوکر موقف اختيار ڪيو ته آئين موجب عدالت ڪنهن درخواست ۾ ڪيل استدعا کان وڌيڪ فيصلو نٿي ڏئي سگهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي اختيارن کان اڳتي وڌي حڪم جاري ڪيو.
ٻئي طرف ناڪام اميدوارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي جا الزام آهن.
هن چيو ته ماضي ۾ به سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس پي ايس سي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ نوان ضابطا ٺاهي ڪميشن کي ٻيهر فعال ڪيو ويو.
ان موقعي تي ايس پي ايس سي جي وڪيل چيو ته عام نوعيت جا الزام هلندڙ ڪيس سان لاڳاپيل ناهن.
ٻڌڻي کانپوءِ وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عبوري حڪمن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو ۽ ڌرين کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي گرمين جي موڪلن کانپوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالتي حڪم کانپوءِ ايس پي ايس سي جي ڪامياب اميدوارن جا انٽرويو ٻيهر شروع ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.


