مظفرآباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون اسان جي ريڊ لائين آهن ۽ انهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي.
مظفرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فيلڊ مارشل جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي.
هن چيو ته ڪشميرين خلاف نامناسب ٻولي استعمال ٿيڻ تي هر پاڪستاني جو دل ڏکي ٿو، ڇو ته ڪشمير جا موجوده حال رڳو ڪشميرين نه پر سڄي ملڪ لاءِ ڳڻتي جو سبب آهن.
هن چيو ته احتجاج هميشه لاءِ جاري ناهن رهندا، تنهن ڪري سڀني ڌرين کي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته پرتشدد احتجاج ۽ مظاهرن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه هجڻ گهرجي، ۽ هو ڪڏهن به نه چاهيندو ته ڪشمير ۾ دهشتگردي واري سياست کي هٿي ملي.
پي پي چيئرمين چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو پرامن حل ڪڍڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ڪو به رياست کي زور زبردستي سان جهڪائي نٿو سگهي. هن تجويز ڏني ته ڪشمير ۾ پيش آيل واقعن جي جاچ لاءِ مڪمل اختيارن سان هڪ بااختيار ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جڏهن ته سڀئي سياسي جماعتون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به پنهنجون ذميواريون قانون موجب نڀائين.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هو هميشه ڪشمير ڪاز ۽ ڪشميري عوام جي آواز بلند ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشمير جو فيصلو ڪشميري عوام ئي ڪندو، جڏهن ته ڌرڻن يا هٿيارن جي زور تي آئين ۾ ترميم نٿي ڪري سگهجي.


