زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ تي ڪم ڪجي ته هڪ سال ۾ معيشت بهتر ٿيندي: وزيراعظم

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته زرعي تربيت لاءِ هڪ هزار گريجوئيٽس کي چين موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ تي ڪم ڪجي ته هڪ سال اندر معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي.

اسلام آباد ۾ لائيو اسٽاڪ بابت سيمينار کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو تهگرين ڪارپوريٽ لائيو اسٽاڪ انيشيٽو جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي بابت منعقد ڪيل سيمينار هڪ سٺو سنوڻ آهي.

 پاڪستان کير جي پيداوار جي حوالي سان دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي، جڏهن ته هن شعبي جي وڌيڪ ترقي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.

هن چيو ته هاڻي رڳو ڳالهين بدران عملي قدمن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي تي سنجيدگي سان ڪم ڪيو وڃي ته هڪ سال اندر معيشت ۾ نمايان بهتري آڻي سگهجي ٿي.

شهباز شريف چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي کوٽ سبب پاڪستان لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ خطي جي ٻين ملڪن کان پوئتي آهي. هن ٻڌايو ته چين سان ايگريڪلچر ريسرچ ڪونسل جي ٽرانسفارميشن بابت ڳالهيون جاري آهن.

وزيراعظم هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي تربيت لاءِ چين موڪلڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اهي نوجوان جديد مهارتون حاصل ڪري واپس ايندا ۽ ملڪ جي زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

Share This Article
Leave a Comment