هندو انتهاپسند جو اداڪار عامر خان کي قتل ڪرڻ تي 5 ڪروڙ انعام جو اعلان

2 Min Read

ممبئي  ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪار عامر خان خلاف هندو انتهاپسند اڳواڻ جگد گرو پرمهنس آچاريا پاران سخت بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب مهاراشٽرا جي هڪ وزير نتيش راني، عامر خان جي شادين جي حوالي سان کيس “لو جهاد جو برانڊ ايمبيسيڊر” قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو.

رپورٽن موجب ايودھيا سان تعلق رکندڙ هندو انتهاپسند اڳواڻ جگد گرو پرمهنس آچاريا وزير جي بيان جي حمايت ڪندي الزام هنيو ته عامر خان جون هندو عورتن سان شاديون مبينا طور “لو جهاد” کي هٿي ڏيڻ لاءِ هيون.

ڀارتي ميڊيا موجب آچاريا عوامي بيان ۾ چيو ته جيڪو شخص عامر خان کي قتل ڪندو، ان کي 5 ڪروڙ رپيا انعام ڏنا ويندا. هن اهو به دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن ڪو اهڙو قدم نه کڻندو ته هو پاڻ عامر خان کي ڳولي قتل ڪندو، جڏهن ته اهڙي شخص جا قانوني خرچ به پاڻ برداشت ڪندو.

واضح رهي ته هن وقت تائين عامر خان يا سندس ٽيم طرفان انهن بيانن تي ڪو باضابطه ردعمل سامهون ناهي آيو، جڏهن ته بيانن جي سرڪاري طور به تصديق نه ٿي آهي.

Share This Article
Leave a Comment