رياض: (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري فوت ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب حادثو گذريل رات رياض جي منفوحه علائقي ۾ پيش آيو، جتي گيس سلينڊر زور سان ڦاٽڻ سبب ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، جن مان 6 پاڪستانين حياتيون وڃايون.
واقعي کانپوءِ پاڪستاني سفارتخاني فوتگين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته لاشن جي وطن واپسي، ضروري دستاويزن ۽ قانوني ڪارروائين لاءِ سعودي اختيارين سان ويجهو رابطو رکيو ويو آهي.
سفارتخاني موجب متاثر خاندانن کي هر ممڪن سفارتي سهڪار فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته ڌماڪي جي سببن بابت سعودي اختيارين جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واقعي جو حتمي ڪارڻ اڃا سامهون نه آيو آهي.


