آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار، ايراني شهرن ۽ خطي ۾ آمريڪي اڏن تي حملا، زميني فوج لاهڻ تي غور

2 Min Read

واشنگٽن/تهران/ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري فوجي ڇڪتاڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي.

آمريڪي فوج پاران ايران جي مختلف علائقن تي ميزائل حملا ڪيا ويا آهن.

ايران پاران جوابي ڪارروائي ڪندي ڪويت ۽ بحرين سميت خطي ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

ايران جي شهر احواز ۾ آمريڪي ميزائل حملي دوران هڪ ميزائل ڪينسر اسپتال جي ويجهو وڃي ڪريو. حملي جي زوردار گونج ۽ ڌماڪي جي خوف سبب اسپتال ۾ داخل مريضن ۽ سندن معصوم ٻارن جي گهرڀاتين ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جنهن ڪري ڪيترائي مريض اسپتال مان ٻاهر نڪري آيا.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضع ڪيو آهي ته کيس ڪنهن به قسم جي “ڊيڊلائن” ڏيڻ پسند ناهي.

هڪ معتبر آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ ايران جي اندر زميني فوج لاهڻ جي آپشن تي سنجيدگيءَ سان غور شروع ڪري ڏنو آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪا سان فوري ڳالهين جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان جو هن وقت آمريڪا سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه جو ڪو ارادو ناهي. اسان جو پورو ڌيان هن وقت رڳو ملڪ جي دفاع تي آهي.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ايراني بندرگاهه ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ تيل ٽينڪر کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو آهي ته جيئن ايراني بحري ٽريفڪ کي محدود ڪري سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment