دادو ۾ پوليس اهلڪارن خلاف بجلي جي ميٽر ۾ ڪنڊو لڳائڻ جو ڪيس داخل

1 Min Read

دادو: (اي بي خشڪ) دادو شهر جي جي ايم ڪالوني جي رهواسي ۽ سيپڪو واهپيدار مشتاق النبي جوڻيجو عدالت جي حڪم تي هڪ سڃاتل ۽ ٽن نامعلوم پوليس اهلڪارن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

فريادي پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پوليس اهلڪار وقار قريشي مبينا طور سندس بجلي جي ميٽر ۾ ڪنڊو لڳائي رهيو هو، جنهن کي هن روڪيو. سندس چوڻ موجب انڪار ڪرڻ تي وقار قريشي ٽن ٻين پوليس اهلڪارن سان گڏجي سندس ڀاءُ کي پوليس موبائل ۾ ويهاري گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ آر موجب، بعد ۾ وڪيلن جي مداخلت کانپوءِ سندس ڀاءُ کي آزاد ڪيو ويو. فريادي مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت جي حڪم تي هڪ سڃاتل ۽ ٽن نامعلوم پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment