ملير ۾ گهر مان 13 ورهين جي نينگر جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

1 Min Read

ملير: (شاهد ڇڄڙو) پپري فٽبال گرائونڊ ڀرسان هڪ گهر مان 13 ورهين جي نينگر جو لاش هٿ آيو آهي.

اطلاع ملڻ تي بن قاسم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس موجب فوتي نينگر جي سڃاڻپ صابر پٽ طالب جي نالي سان ٿي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ضروري ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment