ڊڊيال (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙ جيڪڏهن غلط به آهن ته به انهن جي غلطي جي سزا سڄي ڪشمير جي عوام کي نه ملڻ گهرجي.
ڊڊيال ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته آزاد ڪشمير جي تاريخ جون هي سڀ کان اهم چونڊون آهن ۽ هي چونڊون رياست پاڪستان لاءِ به هڪ امتحان آهن. هن چيو ته سياسي بحران پيدا ٿيڻ تي غير جمهوري قوتن کي مداخلت جو موقعو ملي ويندو آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته هر ڪشميري ۽ هر پاڪستاني موجوده حالتن تي پريشان آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کين سيکاريو هو ته “جتي ڪشميرين جو پگهر وهندو، اتي اسان جو رت وهندو.”
هن وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪندڙن کيس خط لکيو هو، جنهن کانپوءِ هن “ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليئيشن ڪميشن” قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني، پر هن وقت تائين ان تجويز تي ڪو به جواب نه مليو آهي.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته جن ماڻهن غلطي ڪئي آهي، انهن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، پر ڪجهه ماڻهن جي ڏوهه جي سزا سموري ڪشمير جي عوام کي ڏيڻ مناسب ناهي. هن مطالبو ڪيو ته عام ڪشميرين جي ڪاروبار ۽ روزاني زندگي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن.
بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ آبنائي هرمز کولي سگهي ٿو ته پوءِ ڪشمير ڏانهن بند رستا به کولرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.
هن ڀارت تي به تنقيد ڪندي چيو ته هو ڪشمير جي زمين تي ڀارتي قبضي جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائيندا. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته مهاجرن جي سيٽن ۽ ووٽن بابت فيصلو آئيني ادارا ڪندا، جڏهن ته عوام کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو پيپلز پارٽي يا مسلم ليگ (ن) مان ڪنهن کي چونڊين ٿا.
آخر ۾ هن وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته هو واضح ڪن ته وفاقي حڪومت جي ڪشمير بابت پاليسي ڇا آهي ۽ وفاقي وزيرن جي متضاد بيانن جي وضاحت ڪئي وڃي.


