گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) پريا ڪماري، اجالا سولنگي ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳايل ڌرڻو ختم ڪيو ويو، جڏهن ته احتجاجي ڪيمپ جاري رهندي.
پريا ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٽن هفتن کان جاري احتجاجي ڪيمپ کانپوءِ اڄ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ گم ۽ اغوا ٿيل ٻارڙين جي امڙين، وڪيلن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي کانپوءِ ايس ايس پي سکر اظهر مغل ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ڌرڻي واري هنڌ پهتا ۽ مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته احتجاجي ڪيمپ جاري رهندي.
ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ سهڻي پارس جو چوڻ آهي ته پوليس ٽن ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي آهي، احتجاجي ڪيمپ جاري رهندي.


