آمريڪا جا ايران تي حملا، ايران جي حملن ۾ به شدت، عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو

2 Min Read

واشنگٽن/تهران/ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ايران تي آمريڪا گذريل رات به لاڳيتو بمباري ڪئي، ايران جي شهر اهواز تي ميزائل حملو ڪيو ويو، يزد شهر، خرم آباد ۽ سيرڪ ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا.
صوبي هرمزگان ۾ آمريڪي حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
آمريڪي فوج چيو ته ايراني بندرگاهن تي ناڪابندي جي ٽن ڏينهن ۾ 4 واپاري جهازن جو رخ تبديل ڪرايو جڏهن ته هڪ کي ناڪارا بڻايو ويو.
بعد ۾ آمريڪا ايران تي مسلسل ستين رات بمباري مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايراني فوج اتر هندي سمنڊ ۾ آمريڪي بحري جهاز تي ڪروز ميزائل سان حملو ڪيو.
پاسدارانِ انقلاب بحرين ۾ آمريڪي ڊرون جي ڊپو تي حملي جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته بحرين ۾ هٿرادو ذهانت جي سينٽر کي تباهه ڪري ڇڏيو.
ايراني سپريم ليڊر جي صلاحڪار محسن رضائي چيو ته آمريڪا ايران ۾ وڌيڪ حملا ڪيا ته جنگ جو رخ تبديل ٿي ويندو، جنگ ۾ دفاعي نه پر جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري سگهون ٿا.
هوڏانهن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو رت ضايع نه ويندو. آخري ساهه تائين وطن جو دفاع ڪيو ويندو.
ايراني پرڏيهي وزارت پاران ايران جي صوبي هرمزگان تي آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿيل 8 شهرين جون تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن جن ۾ 4 عورتون، 2 معذور ڀائرن سميت 4 مرد شامل آهن.
خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ 4 سيڪڙو تائين واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment